اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي پاليسي جا ثمر سامهو?? اچڻ لڳا آهن، گڏيل قومن سميت عالمي برادري ڀارت جي قدمن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪيون وڃن، عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، غيرانساني لاڪ ڊائون فوري ختم ڪيو وڃي، خوراڪ ۽ دوائن جي ف??اهمي يقيني بڻائي وڃي، سياسي قيدين کي آ??اد ڪيو وڃي. سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪورونا وبا ک??نپ??ءِ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.