اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت کي جديد عصري گُهرج?? سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل تجويزو?? سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ پرڏيهي وزارت جي پبلڪ ڊپلوميسي جي ويزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ??اه?? شامل آهن. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي ميمبرن ۾ وزيراعظم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سي اِي او سيد شباهت علي شاهه، جنرل مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ وزارت اطلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ ??ان??ه ايڊوروس پرو پاڪس??ان?? بلاگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار پبلڪ ڊپلوميسي عمران اختر شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي وسيع تجرب?? سان اسان ??دا??ي کي بهترين بڻائي رهيا آهيون.