اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت ب??تس??ان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت ب??تس??ان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت ب??تس??ان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪري نه پر اتان جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو آهي، گلگت ب??تس??ان پاڪستان جو معاشي بيس ڪئمپ ثابت ٿيندو، گلگت ب??تس??ان قانونساز اسيمبلي جون چونڊون 15 نومبر 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پاڪستان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هنن مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.