اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اس??ن کي پنهنجي معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻڻ جي لاءِ 1400 سال اڳ اسان جي نبي ﷺ ??ي جوڙيل شاندار روايتن تي عمل ڪرڻو پوندو. پنهنجي صدارت ۾ رحمت للعالمين ﷺ ??ٿارٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اس??ن کي جديد م??ڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي نوجوانن کي اجنبي ثقافت جي غيراخلاقي ??مل?? کان بچائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته رحمت للعالمين ﷺ ??ٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد اسان جي نوجوان نسل ۾ اخلاقي قدرن کي بيدار ڪرڻ آهي جنهن کي انٽرنيٽ جي هن دور ۾ هر طرح ??ي غيراخلاقي موقد تائين آن لائين پهچ حاصل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي تحقيق ذريعي ان ڳالهه جو تعين ڪن ته ڪهڙي طرح ??سان جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ نوجوانن جي ڪردار سازي کي موثر طريقي سان يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن سيرت طيبه جي شاندار تعليم جي روشني ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي سطح تي شاگردن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نصاب ۾ تبديليون متعارف ڪرائڻ تي زور ڏنو.