اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي ??ان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري همدردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻوڏ ??ان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتيرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان ??ان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ ت?? پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان ??ان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ??ان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.