اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان کي توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، اعليٰ معيار جي بنيادي ڍانچي جي تعمير سميت نه رڳو پاڪستان جي مختلف خطن پر پاڙيسري ملڪن سان رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي، چين ۽ پاڪستان گڏجي نه رڳو پنهنجي ماڻهن پر خطي جي تقدير جو پڻ تعين ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ ۽ سندس وفد جي ميمبرن جو استقبال ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي جيڪي سي پيڪ جي 10 سالن واريُون تقريبون ملهائڻ جي لاءِ اسان سان گڏ شامل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان آيا. صدر شي جن پنگ جي خصوصي ايلچي طور هو پاڻ سان گڏ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان دوستي جو پيغام کڻي آيو. هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي رفتار جي بنياد جي طور تي اڀريو آهي، جنهن سان اسان کي توانائي جي کوٽ کي ختم ڪر??، اعليٰ معيار جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ نه رڳو پاڪستان جي مختلف خطن ۾ پر پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۽ انضمام کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته اسان جي لاءِ سي پيڪ رڳو مختلف منصوبن جو مجموعو نه آهي پر خوشحالي ۽ گ??يل ترقي جي علامت آهي، اهو غربت، بيروزگاري ۽ پسماندگي جي خلاف اسان جي اڻٿڪ جدوجهد جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته جتي سي پيڪ جو پهريون مرحلو ترقي جي هارڊ ويئر کي ٺيڪ ڪر?? بابت هو، اتي ايندڙ ٻيو مرحلو زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مهارت جي ترقي، جدت، صنعتڪاري، اقتصادي ترقي، صحت جي شعبن تي ڌيان ڏئي ترقي جي سافٽ ويئر کي اپ گريڊ ڪندو. هن چيو ته هن موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم نواز شريف کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي سي پيڪ جو تصور پيش ڪر?? ۽ ان تي عملدرآمد ڪر?? ۾ انهن جي اهم ڪ??دار تي زبردست خراج تحسين پيش ڪر?? چاهيان ٿو. صدر شي جن پنگ جي عالمي قيادت ۽ گ??يل ترقي جو ويزن اسان جي دنيا خاص طور تي گلوبل سائوٿ جي بهتري ۾ تمام اهم ڪ??دار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بطور وزيراعظم آئون سي پيڪ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪر?? ۽ ان کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ ۾ پنهنجو عاجزاڻو ڪردار ادا ڪندي خوش آهيان. چين ۽ پاڪستان گڏجي نه رڳو پنهنجي ماڻهن جي پر خطي جي تقدير جو پڻ تعين ڪندا.