جده – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ پابندين جي جلد خا??مي، ڪشميرين جي آزادي ۽ حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان ملاقاتن ۾ ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم سعودي ولي عهد، نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان ۽ خا??م الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.