اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذور ماڻهن لا??ِ معاون ٽيڪنالاجي کي عالمي ۽ علائقائي سطح تي پذيرائي ملي رهي آه??، خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ بهتري آڻڻ ۽ مالي ۽ مع??شر??ي طور تي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ معذور ماڻهن جي لا??ِ معاون ٽيڪنالاجي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر پليٿاماهي پالا ۽ پاڪستان بيت المال جي ايم ڊي عون ع??اس بپي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحت جي عالمي اداري ۽ وفاقي صحت واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا.