اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي ۾ 7 سال جي غيرضروري دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪ??دي ??سٽ??ٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 ل?? 12 ??زار رپين جي بيمي جي رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بيواهه کي دير سبب مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ادائيگي جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. صدر چيو ??ه انشورنس ڪمپني بيواهه کان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ??سٽ??ٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪ??دي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي ??سٽ??ٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي بيمي جون ٻه لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گهرواريءَ فوزيه زاهد ڀٽي (شڪايت ڪندڙ) انشورنس ڪليم جي ادائيگي لاءِ انشورنس ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد تي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي بيمي کان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي بيواهه فوزيه زاهد ڀٽي وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، وفاقي محتسب ??سٽ??ٽ لائيف کي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران ??سٽ??ٽ لائيف صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر ??سٽ??ٽ لائيف جي نمائندگي کي رد ڪ??دي انشورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏي??دي چيو ته پاليسي حاصل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي انشورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ، انشورنس کان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ??سٽ??ٽ لائيف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ بيمي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي لاءِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ??سٽ??ٽ لائيف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ادائيگي ۾ دير ڪئي. صدر بيواهه کي دير جي ڪري مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ايجنسي کي انشورنس جي رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.