اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي پاليسي موجب آهي. وزيراعظم ميڊيا هائوس پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم عمران خان تاريخي گورڌو??رن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول سرونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏڻ جي مو??عي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه کولڻ جو تاريخي ق??م بابا گرو نانڪ جو نالو کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک برادري جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.