اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرض?? ۾ ??ليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ايترا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ?? ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪورونا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي، ڪورونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل صورتحال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عال??ي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪين??ڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.