اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪو??ون?? وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رض??ڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فورس جي رض??ڪارن کي باقاعده ڪارڊز جاري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رض??ڪار ڪم ڪندا، ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رض??ڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪو??ون?? جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪو??تن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ڪو??ون?? ٽائيگر فورس جي رض??ڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.