اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري ڪيترائي دهشتگرد م??رج?? ويا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زمين تان مڪمل خاتمو اسان جي او??ين ترجيح آهي. وزير??عظ?? ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.