اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ نيو گ??اد?? ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح ڪندي قرار ڏنو آهي ته گ??اد?? نه رڳو علائقائي ترقي جو محور پر پاڪست??ن جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گڏيل مس??قبل ۽ گهڻ رُخي ترقي جي لاءِ اس??ن جو عزم مضبوط آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گ??اد?? انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صنعت، زراعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اهي ٻطرفا معاهدا ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي، چيني وزيراعظم جي پاڪست??ن جي دوري تي سندس ٿورائتا آهيون، سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ آهي، اسان ملاقات دوران لاڀائتي ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پاڪست??ن جي ترقي جي لاءِ چين جي پختي عزم جا معترف آهيون، صدر شي جن پنگ، چيني عوام جو گ??اد?? ايئرپورٽ جو تحفو ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، پاڪست??ن جي معاشي ترقي جي ايجنڊا ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون تي ٿورائتا آهيون، گ??اد?? ايئرپورٽ سان نه رڳو گ??اد?? پر پورو ملڪ ترقي ڪندو، سي پيڪ تحت ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويو، يقين ڏياريان ٿو ته نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد پر چين ۽ پاڪست??ن جي عوام جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ توهان سان گڏجي ڪم ڪندس.
هن چيو ته گ??اد?? ايئرپورٽ جي تڪميل جي لاءِ چيني ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن سان اهو عالمي معيار جو منصوبو مڪمل ٿيو، چين پاران پاڪست??ن جي لاءِ اهو يادگار تحفو سدائين ياد رهندو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.