اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي)صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان جي صدر عاطف اڪرام شيخ چيو آهي، ته شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس پاڪستان لاءِ حقيقي گيم چينجر ۽ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم اجلاس م??اش?? بحالي، علائقائي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جو اهم موقعو آهي. هن گذريل ڏينهن ايس سي او اجلاس جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سموري پاڪستاني قوم چين جي وزيراعظم سميت ايس سي او ڪانفرنس لاءِ آيل مهمانن جي آجيان ڪري ٿي. هن چيو ته چين جي ترقي دنيا لاءِ مثال آهي، چين جي سهڪار سان پاڪستان ۾ جلد م??اش?? استحڪام ايندو. هن چيو ته ??ين ۽ روس سميت ٻين ملڪن جي سربراهن جو پاڪستان اچڻ عالمي دنيا جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو.