اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري، پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقي ھ??يش فالڪز ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر پارليامينٽ ھائوس آمد تي ھ??يش فالڪز جي آجيان ??ئي. اسپيڪر برطانيا جي پارلياماني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري پرڏيھي وزير ھ??يش فال??ز لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. اسپيڪر دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جو ھڪ سرگرم ميمبر آھي، دولت مشترڪه جو ھڪ ذميوار ميمبر ھجڻ جي حيثيت سان پاڪستان ??ميشه دولت مشترڪه جي فيصلن ۽ پاليسين جي پاسداري ??ئي آھي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جمھوري ادارن کي مستحڪم بنائڻ لاءِ برطانيه ۽ دولت مشترڪه جون ڪاوشون واکاڻ جوڳون آھن، پاڪستان برطانيه سان پنھنجي پائيدار، تاريخي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي ھ??يش فالڪز پاڪستان ۾ جمھوري ادارن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارلياماني معاملن بابت انڊر اسيڪريٽري پرڏيھي وزير، دولت مشترڪه ھ??يش فالڪز شاندار آجيان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو.