اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميج?? شبير شريف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميج?? شبير شريف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل سان ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنجي عددي برتري جي باوجود دشمن ميج?? شبير شريف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان ج?? نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي عددي برتري کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميج?? شبير شريف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميج?? شبير شريف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سا?? وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪند?? رهندو.