اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي لبنان جي خلاف فوجي ??ار????ت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالم??ت جي لاءِ پا??ست??ن جي مسلسل حما??ت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن لبنان جي وزيراعظم نج??ب ميقاتي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ لبنان جي لاءِ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ پڻ اهڙي طرح جي معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو. لبنان ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پوري پا??ست??ني قوم هن مشڪل وقت ۾ لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي، ان جذبي تحت پا??ست??ن لبنان ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪئي ۽ مستقبل ۾ پڻ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن شام جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيروت جي رستي شام ۾ ڦاٿل پا??ست??ني شهرين جي فوري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ نج??ب ميقاتي جي ذاتي مداخلت ۽ مدد جي درخواست ڪئي. لبناني وزيراعظم ميقاتي اسرائيل جي فوجي ??ار????ت جي خلاف پا??ست??ن جي اصولي موقف تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوشي تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن جو هڪ مثال آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يقين ڏياريو ته لبنان شام مان پا??ست??نين جي انخلا ۾ هر ممڪن مدد ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شام ۽ لبنان ۾ مقرر پا??ست??ني سفيرن سان پڻ رابطو ڪيو ۽ انهن کي شام ۾ ڦاٿل پا??ست??نين جي انخلا جي حوالي سان هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.