اسلام آباد – 10 فيب??ور?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته سڄي قوم وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 فيب??ور?? تي نوشڪي ۾ دهشتگر حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر ڪيپٽن محمد بلال خالد، لائنس نائيڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيب??ور?? تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خ??ندان جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضياءُ الله خان جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، سپاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خ??ندان جي ماڻهن سان به صدر افسوس جو اظهار ڪيو، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروارن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نويد غفور جي خ??ندان جي ماڻهن سان افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروارن سان به رابطو ڪيو، صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.