ڪراچي – 05 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪرڻ ۽ مسئلن ج?? حل ممڪن آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنس??ري??ن (آءِ بي اي) ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان هڪ پرامن ملڪ آهي، روس ۽ يوڪرين ج?? وچ ۾ تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عظيم جنگ ۾ لکين ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي اچڻ کانپوءِ ڪا به جنگ دنيا جي بقاءَ لاءِ خطري جو سبب ٿي سگهي ٿي. آءِ بي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته ڳالهه ٻولهه جي رجحان ج?? فروغ لاءِ سندن ادارو ميونڪ جي نالي سان هر تقريب منعقد ??ري ٿو جنهن ۾ ٻاه??ئي?? ملڪ مان به شاگرد حصو وٺن ٿا. آءِ بي اي جي ڊائريڪٽر هما بقائي چيو ته ملڪن ج?? وچ ۾ تڪرارن ج?? فوري حل سان ئي پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.