اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اه?? ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊون پرامودونائي سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٿائي لينڊ سان ٻط??فن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي وسيع تجربي مان فائدو کڻن جي ارادي جو اظهار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ مذه??ي سياحت جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي مقصدن کان ٿائي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وڌندڙ ٻط??فن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ?? مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪيو. ??فغ??نستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي ??فغ??ن عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پرڏيهي وزير ??فغ??نستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ?? اعليٰ سطح جي باقاعده رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.