اسلام ??با?? – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مولانا فضل الرحمان جي شاندار آجيان ??ئي. مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ??ڍيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان ??ي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان ??ڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي ??وڙ??ڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.