اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحده ع??ب امارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صدر شي?? خليفه بن ز??يد النهيان جي لاڏاڻي تي شاهي خاندان، عوام ۽ متحده ع??ب امارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده ع??ب امارات جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شي?? خليفه بن ز??يد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستاني عوام کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته متحده ع??ب امارات جي اڳوڻي صدر جي وفات ٻنهي ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ هو پاڪستاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان متحده ع??ب امارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شي?? خليفه بن ز??يد النهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف علوي چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ متحده ع??ب امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده ع??ب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ متحده ع??ب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحده ع??ب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.