اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي هاڪيءَ جي اولمپيئن منظور حسين جونيئر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو جهنڊو بلند ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته مرحوم پاڪستان هاڪيءَ جي لاء?? اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، منظور حسين جونيئر راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو جهنڊو س??بلند ڪيو. هن عظيم رانديگر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ سندس گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ آهيون، الله تعاليٰ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.