اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف کي ماحولياتي تبديلين جو معاملو موثر طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلين ۽ مسئلن جي حل بابت تنظيم (سي او پي – 27) جي نائب صدارت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي 195 ملڪن مان پاڪستان جي و??ير??ع??م کي ان عهدي جي لاءِ چونڊڻ تمام وڏو عالمي اعزاز آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهباز شريف ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي – 27) جي ??جل??س جي ناروي جي و??ير??عظم، مصر جي صدر سان گڏ گڏيل صدارت ڪندو. اهو ??جل??س شرم الشيخ مصر ۾ 6 کان 18 نومبر تي ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت سي او پي 27 جي صدارت مصر وٽ آهي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيبي و??ير??عظم شهباز شريف کي سي او پي 27 ??جل??س جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي. ??جل??س ۾ عالمي سربراهن، حڪومتن جي سربراهن، عالمي مالياتي ادارن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا ذميوار شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ماحولياتي تبديلين جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان هي 27 هون ??جل??س هوندو. و??ير??عظم شهباز شريف جي ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان پراثر آواز تي ان کي اهو عهدو ڏنو ويو. تازي ٻوڏ کانپوءِ و??ير??عظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين ??جل??س ۾ ماحولياتي تبديلين تي موثر آواز اٿاريو هو. ماحولياتي تبديلين جي مسئلي کي ”ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ جي و??ير??عظم شهباز شريف جي تجويز جي ٻين ملڪن تائيد ڪئي هئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جو ??جل??س 15 کان 16 سيپٽمبر تي ثمرقند ۾ ٿيو هو.