اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان هن ??قت ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي ج?? خلاف حالت جنگ ۾ آهيون، ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي منصوبن جي لاء?? اربين رپين جا قرض گهربل آهن. وزيراعظم آفيس جي اڪائونٽس تان جاري ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي جي تصوير سان گڏ ??يل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف فنانشل ٽائيمز کي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته جيڪي اسان جا مطالبا آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان کي ملي رهيو آهي ان ۾ تمام وڏو فرق آهي، اسان ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي ج?? خلاف حالت جنگ ۾ آهيون ۽ اسان ان جو شڪار آهيون، اڄ جيڪڏهن اسان ان جو شڪار آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو مل?? ان جو شڪار ٿي سگهي ٿو ۽ اسان اهو نه ٿا چاهيون ته ائين نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان کي بحالي جي لاء?? اربين رپين جو قرض گهربل آهي.