اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب جنگ ۽ جيو گروپ جي صدر عمران اسلم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمران اسلم جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، هو شاندار صحافتي ڪيريئر جو ما??ڪ هو، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي ??دا??ين ياد رکيو ويندو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.