اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ??وا??ن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وي??ديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ??وا??ن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خي?? بنون ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد وسيم جي والد سان فون تي افسوس جو اظهار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قرباني جي لاءِ تيار آهن. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ شهيد جي قرباني ۽ والد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار شجاع محمد جي ڀاءُ محمد اشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي?? ص??ر سپاهي عبدالرحمان جي ڀاءُ گوهر ياسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀاءُ صدر سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قربان، 10 ڀاءُ هجون ها تڏهن به شهادت جي لاءِ تيار هجون ها. صدر نائيڪ محمد رمضان جي چاچي سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وي??ديون. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.