اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 27 ڊسمبر 2007ع عوام جي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽوجي ??ار??خي خدم??ن تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي جنهن عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي، 27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن عوام جي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اسلماي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سڄي عمر مسلسل جدوجهد جي ولولي انگيز داستان آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي ??ار??خي خدم??ن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي سربلندي، آمريت جي خلاف سندس عزم ۽ نڊر عوامي ۽ سياسي تحريڪ ??ار??خ جو قابل فخر ۽ سنهرو باب آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائد محمد نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام کي مثاق جمهوريت جو ??ار??خي تحفو ڏنو، ملڪ جي سياست ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، ميثاق جمهوريت اسان جي اڳواڻن جي سياسي بصيرت جو هڪ ??ار??خي ??ار??امو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياسي ڪلچر ۽ روايت جي شروعات ٿي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردي جي خلاف جرئتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي پڪي عزم جو ثبوت آهي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪي دفاع جي مضبوطي?? آئيني ادارن جي تقويت ۽ سماجي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت گهرڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽوجي سمورن واڳيلن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فر??ائ?? ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فر??ائ??.