اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ وز??راعظم محمد شهباز شريف مري?? نواز شريف کي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب پارٽي تنظيمي فيصلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جي صحيح سان جاري ٿيو. شهباز شريف پاران مري?? نواز شريف کي پارٽي جو ”چيف آرگنائيزر“ پڻ مقرر ڪندي پارٽي جي نئين سر جوڙجڪ ??ي ذميواري کيس ڏني وئي آهي. مري?? نواز شريف ??ر سطح تي پارٽي کي ري آرگنائيز ڪندي.