اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ت??ڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ت??ڪي?? جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ?? پاڪستان پنهنجي ت??ڪي?? ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ت??ڪي?? جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور تعاون ڪندي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پو??ئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ت??ڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.