اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط موڪلي ڇڏيو آهي. خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي ??يو ويو آهي ته هو اليڪشن ايڪٽ 2017ع موجب صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ جو فوري اعلان ڪري. صدر ??يو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبائي چونڊن سان گڏوگڏ مستقبل جي عام چونڊن جي حوالي سان به خطرناڪ قياس آرائين تي ٻڌل پروپئگنڊه کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل پنهنجي خط ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي تحليل جو حوالو ڏنو ۽ ??يو ته آئين جي آرٽيڪل 224 (2) ۾ اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ ??يو ته آئين جي پارٽ VIII موجب چونڊن جو انعقاد اليڪشن ڪميشن جو بنيادي ۽ لازمي فرض آهي، خاص طور تي آرٽيڪل 218 (3) اي سي پي کي اهو فرض ڏنو ويو آهي ته هو شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائي. هن ??يو ته اهو اليڪشن ڪميشن ئي آهي جيڪو چونڊن جي حوالي سان پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ جي صورت ۾ ملڪ جي آئين جي خلاف ورزين جو ذميوار ۽ جوابده قرار ڏنو ويندو. صدر آئين جي آرٽيڪل 42 ۽ ٿرڊ شيڊيول جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته مملڪتي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان هن ”آئين جي تحفظ ۽ دفاع“ جو حلف ک??يو آهي. هن چيف اليڪشن ڪمشن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي آئين جي آرٽيڪل 214 ۽ ٿرڊ شيڊيول جي تحت انهن جي حلف موجب بنيادي ذميواري بابت ياد ڏياريو جنهن ۾ ??يو ويو آهي ته ”آئون پنهنجون ذميواريون پوري ايمانداري سان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين موجب ادا ڪندس.“ آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي خلاف ورزي جي سنگين نتيجن کان بچڻ جي لاءِ ٻنهي تحليل ٿيل اسيمبلين جي چونڊن جو شيڊيول فوري اعلان ڪيو وڃي. صدر خط ۾ آئين جي قرارداد جي مقصدن جي اهميت تي روشني وجهندي ??يو ته تمهيد ۾ غيرمبهم لفظن ۾ ??يو ويو آهي ته ”رياست پنهنجي طاقت ۽ اختيار کي عوام جي نمائندن ۾ منتقل ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪندي.“ اهو قوم جي ابن ڏاڏن جي اڻٿڪ عزم جو عڪاس آهي جن قرارداد جي مقصدن جو مسودو تيار ڪيو جنهن کي آئين جو (آرٽيڪل اي ٽو) جو حصو بڻايو ويو. اهڙي طرح آئين ۾ جمهوري اصولن ۽ قدرن جي پيروي ۽ پابندي بابت ڪو ابهام باقي نه ٿو رهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قديم ترين جمه??ري??ن جنگين دوران به چونڊن ۾ ڪڏ??ن به دير نه ڪئي، ان سلسلي ۾ هن آمريڪا جو مثال ڏنو جنهن صدر جيمز ميڊيسن جي دور ۾ 1812ع ۾ برطانيا سان جنگ جي باوجود چونڊون ڪرايون هيون. هن وڌيڪ ??يو ته 1864ع ۾ آمريڪا گهرو ويڙهه دوران ان وقت جي صدر ابراهم لنڪن جي اعليٰ صلاحڪار گهرو ويڙهه سبب چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهيندو هو پر هو ان سان متفق نه ٿيو، جيتوڻيڪ ان جو خيال هو ته هو چونڊون هارائڻ وارو آهي پر ان جي باوجود هن ڪڏ??ن به چونڊن کي رد ڪرڻ بابت سو??يو ئي نه. هن ??يو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ اڳ ۾ ئي هڪ مناسب قدم کڻي چڪو آهي ۽ مختلف تڪن جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جي ضمني چونڊن جي انعقاد جو اعلان ڪري چڪو آهي. صدر ??يو ته ان جو پڪو يقين آهي ته ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو چونڊن ۾ دير يا التوا جو ڪو جواز فراهم ڪندو هجي. تازو عالمي تاريخ ثابت ڪري ٿي ته آئيني طور تي طئي ٿيل چونڊن جي التوا جمه??ري?? کي ڊگهي مدي وارو نقصان پهچايو آهي.