اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي م???? زيلنسڪي ٽيليفون ڪئي، ٻ??هي صدرن پاڪ??تا?? ۽ يوڪرين جي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪ??تا?? ۽ يوڪرين جي صدرن روس – يوڪرين جنگ جي ڏس ۾ اسرندڙ دنيا کي درپيش توانائي ۽ خوراڪ جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻ??هي ملڪن جي صدرن پاڪ??تا?? ۽ يوڪرين جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صد?? زيلنسڪي پنهنجي 10 نقاطي امن فارمولي جو حوالو ڏيندي يوڪرين روس تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ قرارداد جي مسودي تي پاڪ??تا?? جي حمايت طلب ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته روس يوڪرين جنگ تي پاڪ??تا?? کي گهري ڳڻتي آهي، پاڪ??تا?? گڏيل قومن جي چارٽر موجب جنگ جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪ??تا?? حڪومت پاران تجويز ڪيل قرارداد جي نقطن جو جائزو ورتو پيو وڃي. يوڪرين جي صد?? زيلنسڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.