اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جو نالو تجويز ڪندڙ قاضي عبدالرحمان امرتسري جي خدمتن جو قومي سطح تي اعتراف ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان حڪومت جو ان س??ن ڪيل واعدو پورو ڪندي سي ڊي اي جي تجويز تي ان جي و??رث?? کي پارڪ انڪليو اسلام آباد ۾ پلاٽ جو الاٽمينٽ ليٽر پيش ڪري ڇڏيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف چيو ته قاضي عبدالرحمان امرتسري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، اهڙيون قومون ڪڏهن ترقي ناهن ڪنديون جيڪي پنهنجي محسنن کي وساري ڇڏين. هن چيو ته اسلام آباد کي اسلام آباد جي سڃاڻپ ڏيندڙ اسڪول ٽيچر قاضي عبدالرحمان امرتسري کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وز??راعظم سي ڊي اي عملدارن کي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ باقي رهيل ڪارروا??ي مڪمل ڪري و??رث?? کي پلاٽ جو قبضو فراهم ڪرڻ جي ه??اي?? ڪري ڇڏي. وز??راعظم ميڊيا خاص طور تي حامد مير کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ تي ساراهيو. وز??راعظم سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.