اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن ۽ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ٻين ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊن?? ڏنو. انٽر فيٿ افطار ڊن?? جو اهتمام پرڏيهي وز??رت ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاوني??، ڊين آف ڊپلوميٽڪ ڪور، اسلامي ملڪن سميت مختلف ملڪن جي سفيرن، پرڏيهي وز??رت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خاص معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ افطار ڊن?? ۾ شريڪ ٿيون.