اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن اسپتال ۾ يورالوجي شعبي جي سروسز جي شروعات جو افتتاح ڪندو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. وزيراعظم ان دوران اسپتال ۾ مختلف وارڊز جو جائزو وٺندو. وزيراعظم کي ان موقعي ت?? اسپتال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ان موقعي ت?? صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.