اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طي?? اردوان جي صحتيابي تي اطمينان ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? وزيراعظم چيو ته اهو ڄاڻي تمام گهڻو اطمينان ٿيو آهي ته منهنجو ڀاءُ رجب طي?? اردوان الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان بيماري مان صحتياب ٿي ويو آهي. مڪمل صحتيابي ۽ س??ي صحت جي لاءِ منهنجي دلي دعائون ۽ نيڪ خواهشون ان سان گڏ آهن. هو اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي علامت آهي.