اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??ندي چيو آهي ??ه پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ ??ها انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 مئي تي ٽانڪ ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ محمد عتيق ۽ رجب علي جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر زرغون بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ??هير احمد جي خاندان سان پڻ رابطو ڪيو ۽ شهيدن جي وطن لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي خراج عقيدت پيش ??يو. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن جو قدر ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض سان محبت کي پڻ ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن ??ي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي پڻ دعا ڪئي.