اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل صورتحال جي باوجود بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ عوام کي هر ممڪن ريليف ڏنو آهي، پاڪستاني هڪ مضبوط قوم آهي جنهن بهادري سان سمورن مشڪل چئلينجن جو مقابلو ڪيو آهي، سائفر ۽ غيرملڪي سازش جو بيانيو ڏيندڙ مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، روس کان سستو تيل اچي چڪو آهي، آذر??ائ??جان سان به توانائي جو معاهدو ٿي چڪو آهي، پاڪستان جو هر ٻار ڪٽجي مري سگهي ٿو پر ڪشمير تي سودو نه ٿو ڪري سگهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ??وا?? شريف چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو، اسان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ملڪ کي تر??ي جي ر??هه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن پارٽي جو جنرل ڪائونسل اجلاس ڪيترائي ڀيرا ملتوي ڪرايو ته جيئن اڳوڻو وزيراعظم محمد ??وا?? شريف وطن واپس اچي ۽ آئون هي امانت ان جي حوالي ڪري ڇڏيان، ڪجهه لازمي سببن جي ڪري ائين نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن جي ضرورتن جي ڏس ۾ پ??رٽي چونڊون ڪرايون ويون، مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي متفقه طور تي چونڊڻ تي جنرل ڪائونسل جو ٿورائتو آهيان، هي پڳ ??وا?? شريف جي امانت آهي، جڏهن هو وطن واپس ايندو ته ان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هن چيو ته جڏهن کان مريم ??وا?? پارٽي جي چيف آرگنائيزر جو عهدو سنڀاليو، هوءَ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، هوءَ گهٽيءَ گهٽي پهچي رهي آهي، هو باهمت ليڊر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن، ??وا?? شريف جي قيادت ۾ نوجوان ليڊرشپ جي ضرورت آهي، جڏهن ??وا?? شريف پاڪستان واپس ايندو ته ملڪ ۾ سياسي نقشو بدلجي ويندو، ??وا?? شريف پاڪستان جي تر??ي جو معمار آهي. هن چيو ته 20، 20 ڪلاڪ بجلي جي اونداهي ??وا?? شريف ختم ڪئي، موٽرويز ٺاهيا، زراعت جي تر??ي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، ??وا?? شريف لنڊن ۾ آهي، ڪارڪنن، قومي ۽ صو??ائ?? اسيمبلي ميمبرن محنت ڪئي، جيلون ڪاٽيون، ڪارڪن قيادت سان گڏ جبل وانگر بيٺل رهيا، ان لاءِ قيادت ۾ به جيل ڪاٽڻ جو حوصلو پيدا ٿيو. وزيراعظم چيو ته جن حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو اها ذميواري گلن جي سيج نه ڪنڊن جي مالا آهي. وزيراعظم چيو ته شديد چئلينجن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڏينهن رات محنت ڪئي، ان جي محنت ۽ امانت تي ٻي ڪا راءِ نه آهي، اسحاق ڊار جون ٽنگون ڇڪيندڙن کي پارٽي ۾ رهڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪرڻ جي لاءِ هر مشڪل برداشت ڪئي، اسان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ملڪ کي تر??ي جي ر??هه تي گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجو سياسي سرمايو وڃائي ڇڏيو، سياست نه ڪئي رياست کي بچايو، مشڪل حالتن ۾ اهو آسان فيصلو نه هو. هن چيو ته مهانگائي عوام جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، دنيا ۾ تيل، کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون، اسان همت نه هاري، اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو ته مشڪلاتن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، بجيٽ ۾ شديد مشڪلاتن جي باوجود عام ماڻهو کي ريليف ڏنو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 ۽ 35 سيڪڙو جڏهن ته پينشن ۾ 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، آءِ ايم ايف سان اڃا معاملا هلي رهيا آهن، اميد آهي ته اسان ان مان نڪري وينداسين، هي وڏي مضبوط قوم آهي هن وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ۽ دائم رهندو ۽ تر??ي جي ر??هه تي گامزن ٿيندو، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ??وا?? شريف چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو، آئون ان جو سپاهي بڻجي ملڪ جي خدمت ڪندس، ??وا?? شريف ملڪ جي قسمت بدلائيندو، آذر??ائ??جان سان سستي گئس جو معاهدو ڪيو آهي، روس کان سستو تيل آيو آهي، ڪوڙي انسان سائفر، آمريڪا ۽ امپورٽيڊ حڪومت جو راڳ آلاپيو، عوام جي ذهنن ۾ زهر وڌو ته هي امپورٽيڊ حڪومت هئي، اها ڳالهه هئي ته روس کان سستو تيل ڪيئن آيو، هي ان جي ڪوڙ جي منهن تي زوردار چماٽ آهي، هن قوم کي ورغلايو، آذر??ائ??جان جي صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي سربر??هه چيو ته مودي کٽيندو ته پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، هن هڪ ڏينهن اتان درآمدات کوليون پوءِ ٻئي ڏينهن بند ڪري ڇڏيون، اسان نريندر مودي جا گيت نه ڳايا ۽ نه ئي ان جون تعريفون ڪيون، ??وا?? شريف ڪشمير بابت جامع، واضح ۽ طاقتور پاليسي اختيار ڪئي، هن نيويارڪ ۾ ڀرپور تقرير ڪئي، مون به آمريڪا ۾ پ??ڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، پاڪستان جو هر ٻار ڪٽجي مري سگهي ٿو پر ڪشمير جو سودو نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته عوام کي مشڪلاتن کان پريشان نه ٿيڻ گهرجي، اهو دور ٻيهر ايندو جڏهن ??وا?? شريف جي قيادت ۾ هر طرف تعمير ۽ تر??ي جو دور هو، خواهش آهي ته منهنجي زندگي ۾ پ??ڪستان ??وا?? شريف جي قيادت ۾ قائداعظم جي ر??هه تي هلي پوي.