اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پنهنجي فرانس جي سرڪاري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? پنهنجي فرانس جي دوري دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سربراهي اجلاس پائيدار ترقي، توانائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثابت ٿيندو. وزير??عظ?? سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن کان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه ط??ر خطاب ڪندو. وزير??عظ?? پيرس ۾ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.