اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اس??يٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او ??ي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ??ني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اس??يٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او ??ي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون ??ي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او سربراهه اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ??ندو. بيان موجب سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ??الهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.