اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي ??يل علائقا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته معدنيات جي ترقي جي ثمرن سان مقامي ماڻهن کي ??عليم، صحت، روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پاليسن جي تسلس کي ??اري رکيو، 2035ع تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ڪس آمدني چار هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن جن سان ملڪ جي معاشي ترقي س??ن گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، اسان کي پنهنجي محنت سان ترقي ڪرڻي آهي، ترقي جي ان عمل ۾ سڀني کي ??امل ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين کوٽڻ واري شعبي ۾ ڪي??رائي موقعا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي ??روع ڪرڻ لاءِ اسان وٽ اه?? درست وقت آهي.