اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي ش??سي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪ??ڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪ??ظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئ??. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي ش??سي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪ??ڻ جي هدايت ڪئ??. نگران وزيراعظم توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.