اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته طبي تعليم کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، افرادي قوت عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي ش??بي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ صحت جي ش??بي ۾ سڌارا آندا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ طبي تعليم ۽ مريضن جي س??رسنڀال ۾ سڌارن جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ صحت جي ش??بي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لاءِ ٺاهيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ??ئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ صحت جي ش??بي جي موجوده صورتحال ۽ ا?? ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته افرادي قوت جي عالمي مارڪيٽ ۾ صحت جي ش??بي جي ماهرن جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ صحت جي ش??بي ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته نرسنگ هڪ انتهائي اهم شعبو آهي ۽ ا?? جي ترقي جي لاءِ وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صحت واري وزارت، ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جي حصيداري س??ن صحت جي ش??بي ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ??ئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صحت جي ش??بي ۾ سڌارن جي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني صحت جي ش??بي ۾ عالمي معيار موجب قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ صحت جي ش??بي ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطحن تي سڌاراجاتي حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني ??ئي. نگران وزيراعظم خاص معاون ڊاڪٽر عامر بلال جي قيادت ۾ صحت جي ش??بي ۾ سڌارن جي لاءِ ٽاسڪ فورس جي قدمن کي س??راهيو.