اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آه?? ته اها اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي 31 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ ڀار?? ۾ ??اريخي ”بابري مسجد“ جي شهيد ڪرڻ جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن 31 سال اڳ ڀارتي قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن جي موجودگي ۾ هندو جنونينن جي هڪ هجوم ايوڌيا ۾ صدين پراڻي مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته افسوسناڪ ڳالهه اها آه?? ته ڀارت جي اعليٰ عدليه ان نفرت انگيز فعل جي ذميوار ڏوهارين کي نه رڳو آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي مندر جي تعمير جي پڻ اج??زت ڏئي ڇڏي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڀار?? ۾ ??يندڙ عام چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ ان مندر جو افتتاح جنوري 2024ع ۾ متوقع آه??. بيان موجب بابري مسجد جي شهادت جو سبب بڻجندڙ مسلمان مخالف جنون بدستور جاري آه??، ڪجهه هفتا اڳ ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير ان ڳالهه جو عوام ۾ کلي اظهار ڪيو ته مسجد کي شهيد ڪرڻ پاڪستان جي ڪجهه حصن تي ٻيهر دعويٰ ڪرڻ جي نموني طور تي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آه?? ته ڀار?? ۾ ??ڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ عنصر مسلمانن جي خلاف هسٽريا ۽ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آه??، اڄ هندو بالادستي جي لاءِ سرگرم گروهه ڪيترين ئي ٻين مسجدن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آه?? جن ۾ وارانسي جي گيانواپي مسجد ۽ مٿرا جي ??اه?? عيدگاهه مسجد شامل آه??. بيان موجب ڪيترين ئي مسجدن ۽ مزارن کي مختلف انتظامي قدمن يا عدالتي عمل جي آڙ ۾ اڳ ۾ ئي شهيد ڪيو ويو آه??، مسلمانن جون مقدس جايون به انتهاپسندن جي هجوم جي حملن جو نشانو بڻيل آه??. پرڏيهي آفيس چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. بيان ۾ پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ته اهي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي.