ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي ??زير مدد علي سنڌي تعليمي امتحانن ۽ سڃاڻپ واري نظام کي ??ديد ٽيڪنالاجي جي دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. امتحان ۽ تشخيص تعليمي نظام جا ٿنڀ آهن ۽ اس??ن کي ??نهن قدمن کي ??ختيار ڪرڻو پوندو جيڪي تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ علم جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ا??تحان ۽ تشخيص جو نظام“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي ??اص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته وسيع تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي آمد سان سڄي دنيا ۾ تعليمي منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي امتحانن ۽ تشخيصي نظام ۾ ا?? موجب ضروري تبديليون آڻي. تشخيص ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي اس??عمال جي اهميت تي روشني وجهندي وفاقي ??زير چيو ته امتحان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو اس??عمال تعليمي نظام کي ??هتر بڻائڻ ۾ مدد ڏي سگهي ٿو. هن نظام ۾ ا??صاف، ديانت ۽ شفافيت جي معيار کي ??رقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مدد علي سنڌي چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ??اءِ معياري تعليم کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي جڏهن ته ٽي بنيادي عمل بهتر نصاب، تربيت يافته اس??اد ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي مايوسي جو اظهار ڪيو ته ماضي ۾ تعليم جي اهم ترين شعبي تي اڳوڻين حڪومتن جي پاليسين ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ منشور ۾ مناسب ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته هاڻي جڏهن قوم عام چونڊن طرف وڌي رهي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ تعليم، معيشت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت کي ??رجيح ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته امتحانن ۽ تشخيص بابت ڪانفرنس سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مستقبل جي ??ئل??نجز تي بحث ۽ مباحثي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي ۽ ملڪ جي تعليمي نظام ۾ ا??م تبديليون آڻن ۾ ا??م ڪردار ادا ڪندي.