اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانوم??ٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ مضمون جي حوالي سان سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته ”دي اڪانوم??ٽ“ جي ايڊيٽر کي مبينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چي?? ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي ماڻهو جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چي?? ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحا??ت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانوم??ٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اع??بار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چي?? ته ڇا ”دي اڪانوم??ٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن؟ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.