اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي ??وڪٿام ۽ سزا بابت انصاف جي ??المي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي جي ??جيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اسرائ??ل کي فوري طور تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي ??ي فيصلي کي ساراهيو جنهن ۾ اسرائ??ل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي ??رٽيڪل II جي ??ائري ۾ ايندڙ سمورين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طور تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ انساني امداد) جي فراهمي جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ان فيصلي اسرائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ۽ ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طور تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اسرائ??ل کي فلسطين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اسرائ??ل کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو انصاف جي ??المي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي ??رئتمنداڻي موقف کي ساراهيو.