اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، رمضان پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب ??پين مان وڌائ?? ساڍا 12 ارب ??پيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ ??ين??ير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبائيل يونٽس به سستي اگهه تي کا??ي پيتي جون شيون فراهم ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين رمضان رليف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي طور 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين رمضان کان رمضان جي پڄاڻي تائين رليف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون فراهم ڪيون وينديون.طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائينديون. هنڌ جو تعين جديد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي مدد سان ڪيو ويندو. موبائيل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ويندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلندڙ ڊيش بورڊ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن موبائيل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبائيل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جو عمل جاري رکيو ويندو موبائيل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ 2024ع ت?? ساڍا 7 ارب ??پين جي سبسڊ?? سان رمضان رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي رمضان المبارڪ دوران سستي اگهه تي کا??ي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون. ??ين??ير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيو ويندو. رمضان پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي کا??ي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.