اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پ??يس بريفنگ ۾ چيو ته اسان سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعته الوداع، شب قدر ۽ عيدالفطر جي ن??از سميت اهم مذهبي تقريبن جي انعقاد تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي تي پنهنجي گهري مايوسي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته هي مسلسل پنجون سال آهي جڏهن ان تاريخي ??سجد ۾ عيد الفطر جي ن??از ادا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي۔ ترجمان چيو ته مذهبي اڳواڻن تي پابنديون هڻڻ ۽ ڪشميرين جي خصوصي مذهبي موقعن تي گڏ ٿيڻ کان روڪڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي مذهبي آزادي جي لاءِ هڪ سنگين چئ??ينج آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ ۽ پرامن ميڙ جي حق جو احترام ڪرڻ گهرجي.